news-details

ڊالر جي قيمت ۾ واڌ جو سلسلو جاري، رپئي جو ملهه ڪري پيو، اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اربين روپيه ٻڏي ويا

ڪراچي: (سومر 16 مئي 2022ع) ملڪي تاريخ ۾ ڊالر هڪ دفعو ٻيهر بلند ترين سطح تي پهچي ويو. جڏهن ته اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ واپارين جا اربين روپيه ٻڏي ويا.
رپورٽ موجب اسٽاڪ ايڪسچينج شديد مندي جو شڪار آهي جيڪا 43 هزار پوائنٽس جي نفسياتي حد به وڃائي چڪي آهي. 100 انڊيڪس هڪ هزار پوائنٽ جي گهٽتائي سان ڊسمبر 2020ع جي گهٽ ترين سطح تي اچي ويو. اهڙي طرح ڊالر به هڪ دفعو ٻيهر ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي اچي ويو.
انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر 1.69 روپين جي واڌ سان 194.21 روپين جو ٿي ويو آهي. امڪان آهي ته مارڪيت بند ٿيڻ تائين ڊالر جي قيمت ۾ وڌيڪ واڌ ٿي وڃي.
ياد رهي ته موجوده حڪومت جي اچڻ کان پوءِ ڊالر جي قيمت ۾ هينئر تائين 11 روپيه 7 پئسن جو اضافو ٿي چڪو آهي. جڏهن ته ڏيڍ مهيني دوران قرضن جو بار 14 سئو ارب روپين کان به وڌي ويو آهي.