news-details

حڪومتي ذميواري آهي ته احتساب جي عمل کي جاري رکي ۽ نيب کي ختم ڪري: شاهد خاقان

ڪراچي: (سومر 16 مئي 2022ع) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ملڪ ۾ احتساب جا معاملا عوام جي سامهون اچي چڪا آهن هاڻ حڪومت جي ذميواري آهي ته احتساب جي عمل کي جاري رکي ۽ نيب کي ختم ڪري.
ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته عمران خان جي حڪومت 4 سالن دوران خرابيون پيدا ڪيون، اسان جي حڪومت جي ڪوشش آهي ته معاملن تي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. ان ڪري اڄ اسان کي ملڪ کي اولين ترجيح ڏيڻي پوندي ۽ سياسي مفادن کي پوئتي ڇڏڻو پوندو ڇو ته هن وقت جهڙيون حالتون آهن ان ۾ سياست ثانوي حيثيت اختيار ڪري وئي آهي. شاهد خاقان عباسي چيو ته غلطيون ڪنهن ٻئي جون آهن. معيشت جي حالت کي ڏسو معاملا گهرا ۽ ڳڻتي جوڳا آهن اڄ مشڪل فيصلن ۾ سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
شاهد خاقان عباسي چيو ته مهانگائي مهيني ۾ ناهي آئي پر اهو 4 سالن جو سفر آهي. اسان 97 ۾ به اهڙيون حالتون ڏٺيون پر اسان مهانگائي گهٽ ڪئي. اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته عمران خان جي ڪرپشن، ڪوتاهين جي مثال ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ نه ملندي. قرضن مٿان قرض وٺي ملڪ هلايو ويو. انشاءَالله ملڪي معيشت کي استحڪام ڏينداسين عوام جي لاءِ خوشخبري آهي ته عمران خان مان جان ڇٽي وئي آهي. هن چيو ته اڃان تائين تيل جون قيمتون ناهن وڌايون ويون. جيڪي به فيصلا ٿيندا ان جي وڏي سياسي قيمت ادا ڪرڻي پوندي ۽ پيٽروليم جي قيمتن تي جيڪو فيصلو مارچ ۾ ٿيو اڄ وڏي قيمت ملڪ کي ادا ڪرڻي پئجي رهي آهي.
حڪومت فيبروري ۾ جيڪي واعدا آءِ ايم ايف سان ڪيا اهي ڪجهه ڏينهن ۾ ختم ڪيا ويا. هن سال 6 هزار ارب روپين جو خسارو آهي. ٻئي طرف احتساب عدالت ۾ شاهد خاقان عباسي ۽ ٻين خلاف پي ايس او ۾ ڀرتين جي ريفرنس تي ٻڌڻي ٿي. عدالت ۾ اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ ٻيا پيش ٿيا.جڏهن ته پي ايس او جو اڳوڻو ايم ڊي شيخ عمران الحق جو وڪيل پيش نه ٿيو. عدالت وڌيڪ ڪارروائي 9 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.