news-details
اسلام آباد

نيون تڪبنديون: سپريم ڪورٽ تحريڪ انصاف پاران داخل ڪيل درخواست رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد: (سومر 16 مئي 2022ع) تحريڪ انصاف جي نئين تڪ بندين بابت درخواست تي سپريم ڪورٽ جي وڪيل تحريڪ انصاف جي اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.
عدالت تحريڪ انصاف کي ايندڙ ٻڌڻي تي تڪ بندين جو پلان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت فواد چوڌري کي بطور وڪيل ڳالهائڻ کان روڪي ڇڏيو. تحريڪ انصاف جي نئين تڪ بندين بابت درخواست تي ٻڌڻي جسٽس اعجازالاحسن جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ ڪئي. وڪيل فيصل چوڌري چيو ته اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪريون جنهن تي جسٽس اعجازالاحسن چيو ته درخواست کي پهريان نمبر لڳڻ ڏيو ان کان پوءِ نوٽيس جاري ڪرڻ جي معاملي کي ڏٺو ويندو.
عدالت رجسٽرار آفيس کي تحريڪ انصاف جي درخواست تي نمبر لڳائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جسٽس منيب اختر چيو ته ڇا تڪ بندين خلاف درخواست ۾ ڪا ترميم ڪئي وئي آهي. ڇا ترميمي درخواست ۾ گرائونڊز ۽ استدعا ۾ ڪا تبديلي ڪئي وئي آهي. ايڊووڪيٽ فيصل چوڌري چيو ته ترميمي درخواست ۾ صرف ڌرين کي تبديل ڪيو ويو آهي.
اليڪشن ڪميشن آرٽيڪل 51 جي تحت نيون تڪ بنديون شروع ڪري چڪو آهي. کين نوٽيس جاري ڪريو، جسٽس اعجازالاحسن چيو ته تڪ بندين واري عمل جي شروعات ٿيڻ سان ڪهڙو فرق پوي ٿو. پهريان درخواست کي نمبر ته لڳڻ ڏيو.