news-details
لاھور

عمران خان جي اسٽيبلشمينٽ سان لاڳاپن ۾ بهتري لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون: پرويز الاهي

لاهور: (سومر 16 مئي 2022ع) مسلم ليگ(ق) جي صدر چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ سان جهيڙي بجاءِ عمران خان سياسي مخالفن کي نشانو بنائي. عمران خان ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ لاڳاپن ۾ بهتري لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.
پرڏيهي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته جڏهن به عمران خان وٽ ويندو آهيان ته اهوئي چوندو آهيان ته اسان کي اسٽيبلشمينٽ سان جهيڙو ناهي ڪرڻو پر اسان جو حدف اسان جا سياسي مخالف هجڻ گهرجي. اسٽيبلشمينٽ جي هن کان وڌيڪ نيوٽريلٽي ڪهڙي هوندي ته هڪ وزيراعظم خلاف عدم اعتماد تحريڪ ڪامياب ٿي وئي ۽ اسٽيبلشمينٽ ان دوران ڪجهه نه ڪيو. هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي اقتدار واري دور ۾ پرڏيهي پاليسي جي محاذ تي اسٽيبلشمينٽ سان عمران خان جي لاڳاپن ۾ هيٺ مٿانهين ٿيندي رهي آهي ۽ معاملا به حل ٿيندا رهيا آهن. ڪوشش آهي ته ٻنهي وچ ۾ لاڳاپا بهتر ٿين. اسان عمران خان ۽ اسٽيبلشمينٽ جي لاڳاپن ۾ بهتري لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.
پرويز الاهي چيو ته عمران خان چاهي ٿو ته قومي اسيمبلي جي لاءِ فوري طور تي چونڊون ٿين ۽ صوبائي حڪومتون پنهنجو مدو پورو ڪن. عمران خان جيڪو دٻاءُ وجهي رهيو آهي ۽ لانگ مارچ جو اشارو ڏئي رهيو آهي اهو صرف جلد کان جلد نئين چونڊن لاءِ ٿي رهيو آهي. پرويز الاهي چيو ته شهباز شريف هاڻ حڪومتي معاملا ڏسي. هي ڇو هاڻ ٻئي ڪنهن کي ملوث ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هاڻ هي حڪومت ڪن، ۽ بهتري آڻي ڏيکارين. پاڪستان جي معيشت کي جيڪڏهن فوري طور تي سهارو نه مليو ته حالتون ڪنٽرول کان ٻاهر ٿي سگهن ٿيون.