news-details

ايم ڪيو ايم پاڪستان ملڪ ۾ تڪڙين چونڊن جي حمايت ڪري ڇڏي

اسلام آباد: (سومر 16 مئي 2022ع) ايم ڪيو ايم ملڪ ۾ فوري طور تي چونڊن جي حمايت ۽ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جي مخالفت ڪري ڇڏي.
وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات کان پوءِ ايم ڪيو ايم اڳواڻن صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه دوران چيو ته اسان جي پارٽي هن وقت فوري طور تي چونڊن جي حمايت ۽ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جي مخالفت ڪري ٿي. ايم ڪيو ايم اڳواڻن چيو ته پيٽروليم شين جي قيمتن بابت حڪومت امير ۽ غريب ۾ فرق رکي. موٽر سائيڪل وارن لاءِ قيمت ڌار ۽ جيڪي گاڏين جون ٽينڪيون ڀرائيندا آهن انهن ۾ فرق ڪيو وڃي. اسان سمجهون ٿا ته عام چونڊون هن مسئلي جو حل آهن.
ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي چيو ته چونڊ اصلاحون هڪ هفتي ۾ ٿي سگهن ٿيون. مشڪل حالتن ۾ اسان کي رياست کي ڏسڻو آهي نه وري سياست کي اسان جي سياسي اڳواڻن کي قرباني ڏيڻي پوندي. هن چيو ته رياست کي بچائڻ لاءِ مشڪل فيصلا ڪرڻا پوندا. اسان سڀني کان آخر ۾ تحريڪ انصاف حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪيو. اسان وٽ ٻه آپشن هئا. اعتماد يا عدم اعتماد. ايم ڪيو ايم هميشه جمهوريت جي حمايتي رهي آهي پر اڃان تائين اهو سمجهه ۾ نه پيو اچي ته بجيٽ ڪير ٺاهيندو. ملڪ کي هن پريشانين مان ڪير ڪڍندو.
ايم ڪيو ايم اڳواڻ چيو ته فريش مينڊيٽ ورتو وڃي، دير ٿي ته بدنصيبي ٿيندي. نگران حڪومت تي وڌيڪ بار نه وجهڻ گهرجي. اسان جي ڪوشش آهي ته سموري طاقت سان سياست ۾ واپس اچون ۽ ڪراچي مان ڦريل پنهنجون 147 سيٽون حاصل ڪريون. حڪومت جي 20 باغي ميمبرن کي سنڌ هائوس ۾ ڏٺو ته اتحادي هجڻ تي فيصلو ڪرڻو پيو. اسان وٽ عدم اعتماد تحريڪ تي نيوٽرل هجڻ جو ڪو ٻيو آپشن نه هو.