ڏوهارين تي ٻڌل حڪومت عوام جا جمهوري ۽ آئيني حق به ڦرڻ لاءِ تيار آهي: عمران خان

news-details

اسلام آباد: (سومر 16 مئي 2022ع) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته ڏوهارين تي ٻڌل ڪٺ پتلي حڪومت عوام جا جمهوري ۽ آئيني حق به ڦرڻ لاءِ تيار آهي.
راولپنڊي ۽ اسلام آباد جي عورت وڪيلن جي وفد سان ڳالهيون ڪندي تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو ته وڪيل عورتن جي جوش ۽ جذبي کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا. سازش ۽ شرارت جي ماحول ۾ قانون واري شعبي سان جڙيل ماڻهن جي قوم کي سخت ضرورت آهي. عمران خان چيو ته ٻاهرين سازش جي نتيجي ۾ چونڊيل جمهوري حڪومت تي رات جي اونداهي ۾ راتاهو هنيو ويو. اسپيڪر جي واضح ڪيل رولنگ، پارليامينٽ جي بالادستي، صدر ۽ گورنر جي اختيارن تي ڪهاڙيون هلايون ويون.
تحريڪ انصاف جي چيئرمين چيو ته سياسي مخالفن ۽ ميڊيا ۾ تنقيدي آوازن کي دٻائڻ لاءِ بدترين انتقامي حربا استعمال ڪيا پيا وڃن. قوم ڪٺ پتلي سرڪار جي آمراڻي اقتدار کي رد ۽ حقيقي آزادي جي تحفظ لاءِ تيار آهي. اسلام آباد جو سڏ ڏيندس ته بزدل ڏوهارين جي سازشي ٽولي کي لڪڻ جي جاءِ به نه ملندي.