آصف زرداري جي پنجويهه سال پراڻن ريفرنسز ۾ بريت خلاف اپيلن تي نيب ٻيهر مهلت گهري ورتي

news-details

اسلام آباد: (سومر 16 مئي 2022ع) پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي 25 سال پراڻن 4 ريفرنسز ۾ بريت خلاف اپيلن تي نيب دليلن لاءِ ٻيهر مهلت گهري ورتي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ 2 رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي.
نيب ايس جي ايس، ڪوٽيڪنا، اي آر واءِ گولڊ ۽ ارسس ٽريڪٽرز ريفرنس ۾ آصف زرداري جي بريت کي چئلينج ڪري رکيو آهي. نيب گذريل ٻڌڻي تي عدالت طرفان آخري مهلت ملڻ باوجود اڄ ٻيهر التوا جي درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي. نيب پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته نيب اپيلن ۾ هڪ اشو آهي ته 2 اپيلن ۾ پراسيڪيوٽرز ئي موجود ناهي. هڪ پراسيڪيوٽر سروس ۾ ناهي رهيو ۽ ٻئي پراسيڪيوٽر جي بدلي ٿي وئي آهي.
چيف جسٽس اطهر من الله نيب پراسيڪيوٽر کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان 15 نومبر 2021 جو آرڊر ڏٺو آهي؟ عدالت ان ۾ ڇا چيو هو؟ نيب پراسيڪيوٽر چيو ته اڄ پيش ٿي التوا جي درخواست ڪرڻ جو چيو ويو آهي. عدالت سوال ڪيو ته ڇا نيب ان اپيلن جي پيروي ۾ دلچسپي نٿي رکي؟ نيب پراسيڪيوٽر جواب ڏنو ته اهڙي ڳالهه ناهي، اپيلن تي پيروي چاهيون ٿا؟
چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته نيب فيصلو پڙهيو آهي؟ جيڪڏهن هو پڙهن ها ته شايد اپيلون ئي داخل نه ڪن ها. اوهان کي آخري موقعو ڏنو پيو وڃي ٻئي صورت ۾ اهو سمجهيو ويندو ته اوهان اپيلون هلائڻ ۾ سنجيده نه آهيو. جنهن کان پوءِ عدالت آصف زرداري خلاف نيب ريفرنسز کان بريت خلاف اپيلن تي ٻڌڻي 13 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.