news-details

سينيئر صحافي علي قاضي، ايوب قاضي، اسلم قاضي جي امڙ ۽ اڳوڻي گهرو وزير اڪبر قاضي جي گهرواري لاڏاڻو ڪري وئي

حيدرآباد: سينئر صحافي علي قاضي، اسلم قاضي ۽ ايوب قاضي جي امڙ ۽ اڳوڻي گهرو وزير اڪبر قاضي جي گهر واري ڪجهه عرصو علالت ۾ رهڻ کان پوءِ لاڏاڻو ڪري وئي.
جڏهن ته روزاني ڪاوش اخبار جي ايڊيٽر ايوب قاضي، روزاني پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي سي او علي قاضي ۽ سينئر صحافي اسلم قاضي جي امڙ ڪجهه عرصو علالت ۾ رهڻ کان پوءِ لاڏاڻو ڪري وئي.
سينئر صحافي علي قاضي، اسلم قاضي ۽ ايوب قاضي جي امڙ جي لاڏاڻي تي آن لائين انڊس ميڊيا گروپ جي سرواڻ ۽ پاڪستان فيڊرل يونين آف جنرلسٽ جي مرڪزي اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل خالد کوکر سميت آن لائين انڊس ميڊيا گروپ جي سٿ ۽ ٻين صحافين طرفان ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي.