آمريڪي ڊالر اوپن مارڪيٽ کان پوءِ انٽر بئنڪ ۾ به ٻه سئو روپين جو ٿي ويو

news-details

ڪراچي:(خميس 19 مئي 2022ع) آمريڪي ڊالر اوپن مارڪيٽ کان پوءِ اوپن مارڪيٽ ۾ به ڊبل سينچري مڪمل ڪرتي ورتي.
ملڪ ۾ ڊالر جي بي قدري جو سلسلو مستقل جاري آهي. انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ اڄ ڊالر نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو ۽ 1.78 روپين جي اضافي سان 200.17 روپين جو ٿي ويو. ياد رهي ته گذريل ڏينهن اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 2 روپيه مهانگو ٿي 200.50 روپين تائين پهچي ويو هو. جڏهن ته انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر 2.65 روپين جي اضافي سان 198.39 روپين ٿي ويو هو.
معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم سان معاملا طئي ٿيڻ تائين روپئي جي قيمت ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري رهندو. زرمبادله جي ذخيرن ۾ لاڳيتو گهٽتتائي سان درآمدي بل ۾ رڪارڊ اضافي جهڙي عمل سبب ڊالر جي طلب جو توازن بگڙجي ويو آهي جيڪو ڊالر جي قيمت ۾ تيزي سان واڌ جو سبب بڻجي رهيو آهي.