رياست مخالف ڪاررواين ۾ ملوث جوابدارن کي ضمانتون ملڻ اسان سڀني لاءِ خطرو آهي: مرتضيٰ وهاب

news-details

ڪراچي: (خميس 19 مئي 2022ع) سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته رياست مخالف ڪاررواين ۾ ملوث جوابدارن کي ضمانتون ملڻ اسان سڀني لاءِ خطرو آهي.
ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي مرتضيٰ وهاب چيو ته صدر ڌماڪي جي جوابدار الله ڏنو کي گذريل سال قانون لاڳو ڪندڙ ادارن گرفتار ڪيو هو پر کيس عدالت مان ضمانت ملي جڏهن ته سي ٽي ڊي وٽ ثبوت هو ته هي جوابدار دهشتگردي جي واقعن ۾ ملوث آهي. هن چيو ته اهي ماڻهو جيڪي رياست مخالف ڪاررواين ۾ ملوث آهن انهن مٿان رياست مخالف ڪاررواين جا قلم لڳل آهن. جيڪڏهن انهن کي ضمانتون ڏنيون وينديون ته اهي اسان سڀني جي لاءِ خطرو آهن.
مرتضيٰ وهاب چيو ته جيڪڏهن ڪنهن جي خلاف سنگين نوعيت جا الزام آهن ته ضمانت جي پاليسي کي ڏٺو وڃي. عدالتن کي درخواست آهي ته اهڙي طرح جي ڪيسز ۾ رياست جو ساٿ ڏين. هن وڌيڪ ٻڌايو ته پوليس جو اڪثر حڪومت جي سامهون موقف هوندو آهي ته ڪارروائي کان پوءِ جوابدار عدالتن مان آزادي ماڻي وٺندا آهن.