ڪراچي: صدر ڌماڪي ۾ ملوث جوابدار جا پاڙيسري ملڪ جي دهشتگرد تنظيم سان رابطن جو انڪشاف

news-details

ڪراچي: (خميس 19 مئي 2022ع) ڪراچي ۾ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ جي هٿان مقابلي ۾ مارجي ويل جوابدار جي حوالي سان وڌيڪ انڪشاف سامهون آيا آهن. ان سلسلي ۾ صوبائي اطلاعات بابت صلاحڪار مرتضيٰ وهاب جي قيادت ۾ سي ٽي ڊي پوليس اختيارين هڪ پريس ڪانفرنس ۾ ان دهشتگرد گروپ جي باري ۾ تفصيل جاري ڪيا.
ان موقعي تي ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي عمران يعقوب منهاس ۽ ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي سنڌ خرم علي به موجود هو. مرتضيٰ وهاب ٻڌايو ته 12 مئي تي صدر ۾ ٿيندڙ بم ڌماڪي ۾ ملوث هڪ جوابدار الله ڏنو گذريل ڏينهن ماڙيپور ۾ سي ٽي ڊي ۽ حساس اداري جي ڪارروائي ۾ مارجي ويو هو جڏهن ته ان دوران جوابدار جو هڪ ساٿي به مارجي ويو. ان موقعي تي ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي خرم علي ٻڌايو ته صدر ڌماڪي ۾ ملوث الله ڏنو پاڙيسري ملڪ لاءِ ڪم ڪري رهيو هو ۽ هو دهشتگرد تنظيم سان رابطي ۾ هو. الله ڏنو مختلف رياست مخالف احتجاج ۽ ٻين سرگرمين ۾ به ملوث هو.
هن چيو ته جوابدار الله ڏنو بم ٺاهڻ جو ماهر ۽ تربيت يافته هو، ريلوي لائن تي ڌماڪن جي لاءِ به الله ڏنو اي آءِ ڊيز تيار ڪئي هئي. جوابدار صدر بم ڌماڪي لاءِ ساڍا پنج ڪلو ميٽر پنڌ سائيڪل کڻي آيو هو. هن ڪيترن ئي هنڌن تي سائيڪل بيهارڻ جي ڪوشش ڪئي پر ارادو تبديل ڪندي اڳيان وڌندو رهيو. جوابدار صدر ۾ هڪ هنڌ تي سائيڪل بيهاري ويجهي هوٽل تي ويهي رهيو هو. ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي چيو ته بليو لائٽ واري سرڪاري گاڏي کي ڏسي جوابدار ريموٽ ڪنٽرول سان ڌماڪو ڪيو. ان حوالي سان واضح فوٽيجز ملي چڪا آهن جن ۾ جوابدار صاف نظر اچي رهيو آهي. ان لاءِ شڪ جي ڪابه گنجائش نه آهي، جيو فينسنگ ۾ به الله ڏنو هاءِ لائٽ ٿيو.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته گروپ جي مُک اڳواڻ اصغر شاهه کان جوابدار هدايتون ورتيون. اها آڊيو به ملي وئي آهي جنهن ۾ سنڌي ۾ ڳالهيون ڪيون ويون. ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي ٻڌايو ته ان ڪم لاءِ جوابدار ۽ سندس ساٿين کي 2 لک روپين جي فنڊنگ ٿي جنهن جي ٽرانزيڪشن به پڪڙي وئي آهي. دهشتگرد اصغر شاهه ايران مان گروپ کي آپريٽ ڪري رهيو آهي. جوابدار 15 کان 20 هزارن ۾ ڌماڪا ڪري رهيا هئا.