تحريڪ انصاف اڳواڻ عالمگير خان خلاف بغاوت جو ڪيس داخل

news-details

ڪراچي: (ڇنڇر 21 مئي 2022ع) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ميمبر عالمگير خان خلاف بغاوت جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. قومي اسيمبلي ميمبر ۽ فڪس اٽ جي باني عالمگير خان خلاف ڪيس گلشن اقبال ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب عالمگير خان خلاف ايس ايڇ او اقبال اشرف جوگي جي مدعيت ۾ داخل ٿيندڙ ڪيس ۾ وال چاڪنگ ۽ بغاوت جا قلم شامل ڪيا ويا آهن. پوليس چيو آهي ته ڪيس ۾ تحريڪ انصاف جي ايم اين اي عالمگير خان ۽ 5 نامعلوم ماڻهن کي نامزد ڪيو ويو آهي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن سوشل ميڊيا تي عالمگير خان جون وال چاڪنگ بابت ڪجهه وڊيو وائرل ٿيون هيون جڏهن ته رات دير سان پوليس عالمگير خان جي گهر مٿان ڇاپو به هنيو هو.