پنجاب اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿيندي ئي ملتوي، اسپيڪر خلاف بي اعتماد رٿ جي ڪوشش ناڪام

news-details

لاهور: (آچر 22 مئي 2022ع) پنجاب اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿيندي 6 جون تائين ملتوي ڪيو ويو، ن ليگ جي اسپيڪر خلاف بي اعتمادي رٿ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام ٿي وئي. رپورٽ موجب پنجاب اسيمبلي جو اجلاس اڄ ساڍي 12 وڳي طلب ڪيو ويو هو.
اجلاس ۾(ن) ليگي اسيمبلي ميمبرن طرفان اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر خلاف بي اعتماد رٿ ايجنڊا ۾ شامل هئي جنهن سبب اجلاس ٻنپهرن جو سوا 2 وڳي تائين شروع نه ٿي سگهيو. اجلاس جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ايوان جي اندر ۽ ٻاهران سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا. جڏهن ته صحافين کي هڪ دفعو ٻيهر اسيمبلي ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو. ان کان اڳ به ڪيترائي ڀيرا صحافين کي اسيمبلي جي ڪوريج جي اجازت نه ڏني وئي هئي. هوڏانهن(ن) ليگي ميمبرن کي پنجاب اسيمبلي ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو جنهن تي(ن) ليگي ميمبرن احتجاج ڪيو ۽ چيو ته اسپيڪر پرويز الاهي جي حڪم تي اسيمبلي ميمبرن کي اندر داخل نه پيو ٿيڻ ڏنو وڃي. ن ليگ ميمبرن مرڪزي دربار گيٽ کي زور زور سان وڄايو اسپيڪر ۽ اسيمبلي جي سيڪريٽري خلاف به نعريبازي ڪئي. جنهن کان پوءِ کين اسيمبلي ۾ داخلا جي اجازت ڏني وئي. ان سان گڏ ئي ڪجهه صحافين کي به اندر وڃڻ جي اجازت ملي وئي.
سوا 2 وڳي کان پوءِ پنجاب اسيمبلي جو اجلاس پينل آف چيئرمين وسيم بادوزئي جي صدارت هيٺ شروع ٿيو جنهن پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر خلاف قرارداد جو ذڪر ڪيو ويو. مسلم ليگ(ن) ۽ ان جي اتحادين طرفان غيره سنجيده رويي سبب بي اعتمادي رٿ جي ڪابه ڳالهه نه ڪئي وئي. پينل آف چيئرمين وسيم بازدوئي بي اعتمادي رٿ پيش ڪرڻ جي ناراض ميمبر سميع الله کي ڪيترائي ڀيرا سڏ ڪيو پر ايوان ۾ بي اعتمادي رٿ جي ڪارروائي کي اڳيان وڌائڻ جي لاءِ سميع الله ايوان ۾ موجود ئي نه هو.
پينل آف چيئرمين حڪومتي اتحاد طرفان جواب نه ملڻ تي بي اعتمادي رٿ اڪلائي ڇڏي ۽ اجلاس صرف 9 منٽ جاري رهڻ کان پوءِ 6 جون تائين ملتوي ڪيو ويو ۽ اسپيڪر خلاف بي اعتمادي رٿ ٽيڪنيڪي بنيادن تي ختم ٿي وئي. پنجاب اسيمبلي جي اڄوڪي اجلاس جي موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا ۽ پوليس جي وڏي نفري کي مقرر ڪيو ويو هو. جڏهن ته اسيمبلي ملازمن کي به ايوان اندر داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو هو.