news-details
اسلام آباد

نئين گورنر پنجاب جي مقرري جو معاملو: وزيراعظم ٻئي سمري صدر ڏانهن اماڻي ڇڏي

اسلام آباد: (آچر 22 مئي 2022ع) وزيراعظم شهباز شريف نئين پنجاب جي گورنر جي مقرري لاءِ ٻئي سمري صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي.
ذريعن موجب وزيراعظم طرفان صدر ڏانهن اماڻيل نئين سمري ۾ به شيخ بليغ الرحمان کي پنجاب جو گورنر مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. سمري ۾ وزيراعظم طرفان چيو ويو آهي ته نئين پنجاب جي گورنر جي مقرري لاءِ بليغ الرحمان ئي بهتر شخصيت آهي.
ذريعن موجب صدر عارف علوي 31 مئي تائين گورنر جي مقرري جي توثيق جو پابند آهي. ياد رهي ته صدر عارف علوي گذريل ڏينهن وزيراعظم کي اڳوڻي پنجاب جي گورنر عمر سرفراز چيمه کي هٽائڻ بابت سمري تي نظرثاني جي درخواست ڪئي هئي. جڏهن ته وزيراعظم طرفان صدر کي جوابي خط لکيو ويو هو جنهن ۾ چيو ويو هو ته بليغ الرحمان ئي نئون پنجاب جو گورنر هوندو.