news-details
پشاور

فضل الرحمان عمران خان ۽ مون کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي: شيخ رشيد

پشاور: (آچر 22 مئي 2022ع) اڳوڻي گهرو وزير ۽ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته گذريل ڏينهن مولانا فضل الرحمان پنهنجي تقرير ۾ مون کي ۽ عمران خان کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي.
پشاور ۾ پنهنجي وڊيو بيان ۾ اڳوڻي وفاقي وزير ۽ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو ته اڄ پنجاب پوليس طرفان پنجاب اسيمبلي جا گيٽ بند ڪيا ويا اها پهرين قسط آهي. اڃان ٻئي قسط اچڻي آهي. هن چيو ته جيڪي چور سمجهن ٿا ته ايف آءِ اي ۾ پنهنجو پراسيڪيوٽر مقرر ڪري شهباز شريف ۽ حمزه شهباز مٿان فرد جرم لاڳو ٿيڻ نه ڏيندا اها انهن جي ڀل آهي. ٿورا ڏينهن انتظار ڪريو. 31 مئي تائين اهم فيصلا اچڻ وارا آهن.
شيخ رشيد چيو ته مون مارگلا ٿاڻي ۾ 22 ماڻهن جي قاتل خلاف درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي. هي مون کي قتل ڪرڻ چاهين ٿا ۽ ملڪ ۾ انتشار چاهين ٿا. لنڊن مان نويد نالي نوجوان 22 ماڻهن جي قاتل خلاف بيان ڏنو آهي. اسان ان کي به گهرائي رهيا آهيون. ان کي به جاچ جو حصو بنائينداسين. پاڪستان جي فوج عظيم جانباز ۽ جانثار آهي. اها پنهنجن ماڻهن تي نه گولي هلائيندي نه ئي وري تشدد ڪندي.