نواز ليگ پاران پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر خلاف ٻيهر بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائڻ جو فيصلو

news-details

لاهور: (آچر 22 مئي 2022ع) مسلم ليگ(ن) طرفان پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي خلاف ٻيهر بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. اڄ ئي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ رٿ جمع ٿيڻ جا امڪان آهن.
اڄ ٿيندڙ اسيمبلي اجلاس ۾ چيئرمين آف پينل وسيم خان بادوزئي بي اعتمادي رٿ جي محرڪ سميع الله چوڌري جي موجود نه هجڻ تي چوڌري پرويز الاهي خلاف بي اعتمادي رٿ اڪلائي ڇڏي هئي. جنهن کان پوءِ (ن) ليگ جي ميمبرن لابي ۾ آئنده جي حڪمت عملي طئي ڪرڻ لاءِ اجلاس طلب ڪيو جنهن ۾ عظميٰ بخاري ليگي ميمبرن کي ڏوراپو ڏنو ته هو وقت تي ايوان ۾ ڇو نه پهتا.
جنهن کان پوءِ مسلم ليگ(ن) پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر خلاف ٻيهر بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ ان معاملي تي صلاح مشوري جي لاءِ ليگي ميمبر وزيراعليٰ هائوس پهچي ويا آهن. مسلم ليگ(ن) جي پنجاب اسيمبلي ميمبر خليل طاهر سندهو چيو آهي ته پرويز الاهي خلاف اڄ ئي ٻيهر بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائينداسين.