news-details
ڪراچي

زراعت ۽ پيئڻ جي پاڻي کان پوءِ هاڻ صنعتن کي پاڻي فراهمي متاثر ٿيڻ جو امڪان آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي: (آچر 22 مئي 2022ع) سنڌ جي سُڌ سماءُ واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته زراعت، پيئڻ جي پاڻي کان پوءِ هاڻ صنعتن کي پاڻي جي فراهمي متاثر ٿيڻ جو امڪان آهي.
صوبي ۾ پاڻي جي کوٽ تي ڳڻتي جو اظهارڪندي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ جي بئراجن ۾ پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري ورتي آهي. ڪوٽڙي بئراج تي 72 سيڪڙو پاڻي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. زراعت، پيئڻ جي پاڻي کان پوءِ هاڻ صنعتن کي پاڻي جي فراهمي متاثر ٿيڻ جو امڪان آهي.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ارسا 1991ع واري پاڻي معاهدي جي پاسداري ڪرڻ ۾ ناڪام رهيوآهي. ٿري ليٽر فارمولي جي ڪابه قانوني حيثيت ناهي. پر ارسا ڪيترن ئي سالن کان صوبن ۾ پاڻي جي ورهاست ٿري ٽيئر فارمولي تحت ڪري رهيو آهي ٿري ٽيئر جو غير مساوي فارمولا مئي 1994ع ۾ وزارتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ سامهون آيو جنهن کي چيف ايگزيڪٽو آف پاڪستان ۽ پاڻي، بجلي جي وزارت 23 آڪٽوبر 2000 ۾ ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو هو. وفاقي يونٽن ۾ پاڻي جي ورهاست ٿري ٽيئر فارمولي تحت ڪئي پئي وڃي جيڪا پاڻي معاهدي جي کليل ڀڃڪڙي آهي.
صوبائي وزير چيو ته خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان کي پاڻي جي کوٽ کان آجو قرار ڏنو ويو آهي. پاڻي جي کوٽ جو سمورو بار سنڌ کي برداشت ڪرڻو پوندو آهي. پاڻي جي کوٽ جي سيزن ۾ پنجاب پنهنجي حصي کان وڌيڪ پاڻي کڻي ويندو آهي. ارسا فلڊ ڪيئنال فوري طور تي بند ڪري، سنڌ کي ڪنهن ٻئي صوبي جي حصي جو پاڻي نه گهرجي. پاڻي جي معاهدي تحت منصفاڻي ورهاست کي يقيني بنايو وڃي. سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ سبب زندگي سخت متاثر ٿي رهي آهي. ڪشمور کان ڪينجهر تائين سنڌ جا هاري، عورتون، پوڙها ۽ ٻارڙا پاڻي جي لاءِ روڊن تي سراپا احتجاج بڻيل آهن.