news-details
بھاولپور

نگران حڪومت آئي ته پيٽرول ستر روپيه في ليٽر مهانگو ٿيندو: گهرو وزير

بهاوالپور: (آچر 22 مئي 2022ع) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناالله خبردار ڪندي چيو آهي ته نگران حڪومت آئي ته پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 70 روپين جو اضافو ٿيندو، اسان چونڊن طرف وڃڻ چاهيون ٿا پر اتحادي پارٽين جو فيصلو آهي ته حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪري.
ورڪر ڪنوينشن کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالهيون ڪندي پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي مرڪزي اڳواڻ راڻا ثناءُالله چيو ته نااهل ٽولي ملڪ کي تباهه برباد ڪري ڇڏيو آهي. جيڪڏهن شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو ته ماڻهن جا مسئلا وڌي ويندا. وفاقي گهرو وزير چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي لاءِ عدالت رات 12 وڳي کلي وئي. ڪاش! اسان جي لاءِ ڏينهن جو 12 وڳي به عدالت کلي ها. هن واضح طور تي چيو ته ن ليگ جو اڃان تائين ڪنهن سان چونڊ اتحاد ناهي ٿيو. هن چيو ته (ن) ليگ بي اعتمادي رٿ جي حق ۾ ايتري پرجوش نه هئي.
هڪ سوال جي جواب ۾ راڻا ثناءُالله چيو ته اتحادي حڪومت ۾ فيصلا صلاح مشوري سان ٿيندا آهن. اتحادين فيصلو ڪيو ته ڪنهن کي به اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ نه ڏينداسين جڏهن هي گهٽين ۽ پاڙن ۾ ويندا ته اتان جا ماڻهو هنن کان سوال ڪندا. وفاقي گهرو وزير چيو ته 29 مئي تي يوم تڪبير تي مسلم ليگ(ن) جو عظيم الشان جلسو ٿيندو. تحريڪ انصاف جي سمورن جلسن جو رڪارڊ ٽوڙينداسين، مريم نواز بهاوالپور جلسي کي خطاب ڪندي.