تحريڪ انصاف جو لانگ مارچ: سنڌ ۽ پنجاب کان پوءِ گادي واري شهر ۾ به قلم هڪ سئو چوئيتاليهه لاڳو

news-details

ڪراچي: (اڱارو 24 مئي 2022ع) تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ کي نظر ۾ رکندي سنڌ ۽ پنجاب کان پوءِ وفاقي گادي واري شهر ۾ به قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي. اسلام آباد ۾ قلم 144 ٻن مهينن جي لاءِ لاڳو ڪيو ويو آهي.
اسلام آباد ويندڙ سمورا رستا بند ڪيا ويا آهن. ڊي چوڪ سميت ريڊ زون ڏانهن ويندڙ رستا ڪنٽينرز رکي سيل ڪيا ويا آهن. ٽرانسپورٽرز کي مارچ ۾ شامل ٿيندڙن کي گاڏيون نه ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ٿرڊ ايوينو، مري روڊ، خيابان، سهروردي، جناح ايونيو، ايمبسي روڊ ۽ سرينه چوڪ، ڍهوڪري چوڪ تي به قلم 1444 لاڳو ڪيو ويو آهي.
سنڌ جي گهرو وزارت سموري صوبي ۾ هڪ مهيني جي لاءِ قلم 1444 لاڳو ڪيو آهي. سموري صوبي ۾ جلسا، جلوس، ريليون ۽ عوامي ميڙن تي مڪمل پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف قلم 144 تحت ڪارروائي ڪئي ويندي. سنڌ جي گهرو وزارت سموري صوبي ۾ قلم 144 لاڳو ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. جنهن جي تحت 5 يا وڌيڪ ماڻهن جي جمع ٿيڻ تي پابندي هوندي.
ٻئي طرف مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ عطا تارڙ پريس ڪانفرنس ۾ اعلان ڪيو آهي ته پنجاب ۾ به قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي. قانون هٿ ۾ کڻندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.