news-details
لاھور

خوني انقلاب جون ڌمڪيون ڏيندڙن ناپاڪ منصوبي جي شروعات ڪري ڇڏي آهي: مريم نواز

لاهور: (اڱارو 24 مئي 2022ع) پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته خوني انقلاب جون ڌمڪيون ڏيندڙن ناپاڪ منصوبي جي شروعات ڪري ڇڏي آهي.
مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ مريم نواز ٽوئٽر تي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ڪيترن ئي ڏينهن کان رياست کي خوني انقلاب جون ڌمڪيون ڏيندڙن اڄ کان پنهنجي ناپاڪ منصوبي جي شروعات ڪري ڇڏي آهي.
مريم نواز وڌيڪ چيو ته اڄ فتني جي ڪرسي جي لالچ سبب هڪ ماءُ جو پٽ ان کان ڌار ٿي ويو پاڪستان جي پٽ کي بيدردي سان شهيد ڪيو ويو. قوم جي محافظن مٿان گوليون هلائيندڙ ڪنهن به رعايت جا مستحق نه آهن.