news-details
ڪراچي

تعليم کاتي سموري سنڌ ۾ گرمي جي موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي: (اڱارو 24 مئي 2022ع) سنڌ جي تعليم کاتي پهرين جون کان 31 جولاءِ تائين گرمي جي موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. موڪلن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي سميت سموري سنڌ ۾ ٻن مهينن جي لاءِ تعليمي ادارا بند رهندا. پهرين جون کان 31 جولاءِ تائين سمورن سرڪاري، نجي ۽ نيم سرڪاري تعليمي ادارن ۾ گرمي جون ساليانيون موڪلون هونديون.
شيڊول موجب پهرين آگسٽ کان اسڪولن ۾ تعليمي سرگرمين جي شروعات ٿي ويندي.