قوم نيوٽرلز ڏانهن ڏسي رهي آهي، ججز ۽ وڪيلن کي پيغام ٿو ڏيان ته هي فيصلائتو وقت آهي: عمران خان

news-details

پشاور: (اڱارو 24 مئي 2022ع) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته عدليه ملڪ جي جمهوريت جو تحفظ نه ڪيو ته ان جي ساک ختم ٿي ويندي. جڏهن ته حڪومت پنهنجي غيرقانوني قدمن سان فوج کي تڪراري بنائي رهي آهي.
تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ کي روڪڻ واري حڪومتي فيصلي تي رد عمل ۾ پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي تحريڪ انصاف جي چيئرمين چيو ته ڏوهارين جي ڪابينه غيرقانوني فيصلو ڪيو آهي. بلاول ۽ مولانا اسان جي حڪومت ۾ لانگ مارچ ڪيو. اسان هنن کي روڪڻ ته پري جي ڳالهه پر هنن کي سهولتون ڏنيون. هي ادارن جو امتحان آهي. ادارن ۽ عدليه ملڪ جي جمهوريت جو تحفظ نه ڪيو ۽ ان جي اجازت ڏني ته سندن ساک ختم ٿي ويندي. ان جو مطلب هوندو هتي جمهوريت نه آهي.
عمران خان چيو ته نيوٽرلز ججز کان پڇان ٿوته ڪهڙي حڪومت اهڙي طرح جا قدم کڻڻدي آهي. سڀني جي لاءِ هي فيصلو ڪندڙ وقت آهي. ڪنهن وٽ به هاڻ نيوٽرل رهڻ جي گنجائش ناهي. وچ ۾ رهڻ جو مطلب ڏوهارين جي مدد ڪرڻ آهي. ملڪ تباهي طرف ويو ته اوهان به ان جا اوترا ئي ذميوار هوندو. سموري قوم نيوٽرلز ڏانهن ڏسي رهي آهي. اوهان جي خلاف به فيصلو ٻڌايو ويندو. جيڪي نيوٽرل چوندا آهن انهن ڏانهن واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته اوهان جو حلف پاڪستان جي سالميت ۽ خودداري جو تحفظ ڪرڻ آهي.
عمران خان چيو ته بدقسمتي سان فاشسٽ حڪومت جي غلط ۽ عيرقانوني ڪمن تي عوام جو نزلو فوج ۽ ادارن مٿان ڪري رهيو آهي، هي ادارن کي تڪراري بنائي رهيا آهن. عمران خان بيورو ڪريسي ۽ پوليس کي خبردار ڪندي چيو ته هڪ هڪ کي ڏسي رهندس هڪ هڪ جو نالو نوٽ ڪري رهيو اهيان ڪهڙي بنياد تي گهرن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن. حمزه شهباز وڏو وزير ئي ناهي اهو سڀاڻي فارغ ٿي ويندو. اوهان هن جا غيرقانوني حڪم ڪيئن مڃي رهيا آهيو. آءِ جي اسلام آباد پاڻ هڪ ڏوهاري آهي.
عمران خان چيو ته موجوده حڪومت ۽ ڊڪٽيٽرن ۾ ڪوبه فرق ناهي. فاشسٽ حڪومت گذريل رات کان اسان خلاف ڪارروايون ڪيون آهن. اسان پرامن احتجاج ڪري رهيا آهيون پوءِ اسان سان ائين ڇو ٿي رهيو آهي.