news-details
لاھور

ماڊل ٽائون ۾ تحريڪ انصاف خلاف ڪريڪ ڊائون دوران فائرنگ، پوليس اهلڪار شهيد

لاهور: (اڱارو 24 مئي 2022ع) ماڊل ٽائون ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف خلاف پوليس جي ڪريڪ ڊائون دوران فائرنگ سبب شهيد ٿيندڙ ڪانسٽيبل ڪمال احمد جي قتل ۾ ملوث جوابدارن خلاف دهشتگردي جي قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
رپورٽ موجب لاهور جي علائقي ماڊل ٽائون ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف خلاف پوليس جي ڪريڪ ڊائون دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ شهيد پوليس اهلڪار ڪانسٽيبل ڪمال احمد جي قتل ڪيس ۾ پيءُ پٽ کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جڏهن ته جوابدارن عڪرمه ۽ سندس والد سجاد خلاف دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته ماڊل ٽائون ۾ پوليس پاران ڪريڪ ڊائون دوران فائرنگ سبب ڪانسٽيبل شهيد ٿي ويو هو.
ڪانسٽيبل ڪمال احمد جي سيني تي گولي لڳي هئي، زخمي اهلڪار کي طبي امداد جي لاءِ لاهور جي جنرل اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هو علاج دوران فوت ٿي ويو. پوليس موجب ڪانسٽيبل ڪمال احمد ماڊل ٽائون ۾ مقرر هو جڏهن ته ڊي آءِ جي آپريشن به جنرل اسپتال پهتو. ڊي آءِ جي آپريشن سهيل چوڌري چيو ته ماڊل ٽائون سي بلاڪ 112 ۾ تحريڪ انصاف جي ايڪٽيوسٽ ساجد جي گهر ڪريڪ ڊائون ڪيو ويو، ڪريڪ ڊائون دوران ڇت تان فائرنگ ڪئي وئي.
هن چيو ته قانون هٿ ۾ کڻندڙ ۽ اهلڪار کي شهيد ڪندڙن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو. ياد رهي ته شهيد ڪانسٽيبل ڪمال احمد گرين ٽائون جو رهواسي ۽ پنجن ٻارن جو پيءُ هو.