news-details
لاھور

گرفتارين کان بچڻ لاءِ تحريڪ انصاف جا سرگرم اڳواڻ روپوش ٿي ويا

لاهور: (اڱارو 24 مئي 2022ع) تحريڪ انصاف جي آزادي مارچ کان اڳ پنجاب ۾ پوليس طرفان پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپن ۽ گرفتارين لاءِ جاري ڪريڪ ڊائون کان پوءِ پارٽي جا سرگرم اڳواڻ روپوش ٿي ويا آهن. اها حڪمت عملي انهن گرفتاري کان بچڻ لاءِ ٺاهي آهي.
رپورٽ موجب اڪثر اڳواڻ ۽ ڪارڪن ڪي پي ڪي پهچي رهيا آهن. تحريڪ انصاف ان ڪريڪ ڊائون کان پوءِ هاڻ شهرن ۾ احتجاج جو پروگرام ٺاهي ورتو آهي. اربع تي آزادي مارچ جي شروعات سان گڏ ئي ملڪ جي اهم ضلعن ۾ احتجاجي ڪيمپس لڳايا ويندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان هن ڪريڪ ڊائون کان پوءِ پارٽي اڳواڻن سان مشورا ڪيا آهن جنهن ۾ طئي ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن آزادي مارچ کي روڪيو ويو ته ملڪ جي سمورن مک روڊن، موٽر وي ۽ عوامي هنڌن تي ڌرڻا هنيا ويندا. پارٽي اڳواڻن طئي ڪيو آهي ته جيڪڏهن اسلام آباد طرف مارچ کي روڪيو ويو ته پوءِ حڪومت هٽايو تحريڪ شروع ڪئي ويندي ڪريڪ ڊائون خلاف سمورا قانوني آپشن استعمال ڪيا ويندا.
حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته اهي ڇاپا ان لاءِ هنيا پيا وڃن ته مارچ دوران امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ جي ڪوشش ٿي سگهي ٿي. آزادي مارچ کي مخصوص هنڌ تائين اچڻ جي اجازت آهي. جيڪڏهن مارچ ۾ شرڪت ڪندڙن ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش يا زندگي جي نظام کي مفلوج ڪيو ته پوءِ قانوني آپشن استعمال ڪيا ويندا.