news-details
لاھور

عمران خان کي اچڻ ڏيو، لانگ مارچ حڪومت نه اسٽيبلشمينٽ خلاف آهي: مريم نواز

لاهور: (اڱارو 24 مئي 2022ع) مريم نواز چيو آهي ته عمران خان کي اچڻ ڏيو ڏسون ٿا ته ان ۾ ڪيترو دم آهي. مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن پوليس اهلڪار کي ڊيوٽي دوران گهر مان فائرنگ ڪري شهيد ڪيو. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن وٽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا شيل، هٿيار ۽ ڏنڊا آهن ۽ هنن جي ڪوشش آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن مٿان حملا ڪريون. ڪانسٽيل کي شهيد ڪرڻ سان هنن جا ارادا کلي قوم جي سامهون اچي ويا آهن.
مريم نواز چيو ته حڪومت مان ڪڍڻ تي هن کي صدمو پهتو ۽ چيو ويو ته مون کي قتل ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي. اوهان پنهنجن ٻارن کي لنڊن ۾ ويهاريو آهي، اوهان قوم جي ٻارن کي مارائڻ چاهيو ٿا. اوهان قوم جي ٻارن کي روڊن تي آڻي مارڻ چاهيو ٿا. جڏهن ته شهيد ٿيندڙ ڪانسٽيبل به قوم جو پٽ هو. اوهان پنهنجن ٻارن کي چيو ته اهي مظاهري جي اڳواڻي ڪن ۽ پنهنجن ٻارن کي چئو ته برطانوي پاسپورٽ ڏي پاڪستان اچو.
مريم نواز چيو ته مان پنهنجي هر تحريڪ ۾ فرنٽ لائن تي هوندي آهيان ۽ نيب جي آفيس ۾ عمران خان منهنجي مٿان پٿراءُ ڪرايو تڏهن به مان پوئتي نه هٽيس. تنهنجا ٻار لنڊن ۽ عوام جا ٻار مار کائڻ لاءِ. اهڙيون نفرتون ڇو آهن. اسان هنن جي آزادي جي راڳن کي نٿا مڃون. مريم نواز چيو ته ڪالهه انٽرنيشنل ميڊيا کي انٽرويو ۾ آمريڪي سازش جو ڪوبه ذڪر ناهي ڪيو ويو ۽ پاڪستاني عوام جي لاءِ اوهان جيڪو بيانيو رکيو آهي پاڪستان جي عوام ان کي تضاد سمجهي ٿي. هن عمران خان کي مخاطب ٿيندي چيو ته قوم کي ٻڌايو ڪرسي جو نالو آزادي آهي يا فرح گوگي جو نالو آزادي رکيو آهي. پهريان اوهان چيو ته نيوٽرل جانور هوندا آهن پوءِ ڪالهه اوهان فوج کي چيو ته نيوٽرل رهو. جڏهن مريم ۽ نوازشريف کي سزا ٿيندي آهي ته اوهان چيو عدالتون آزاد آهن پر جڏهن آئين جي بالادستي لاءِ عدالتون رات جون کوليون ويون ته اوهان عدليه کي گهٽ وڌ ڳالهايو.
مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر کي اوهان پاڻ لڳايو ۽ هاڻ اوهان چيف اليڪشن ڪمشنر کي گهٽ وڌ ڳالهائي رهيا آهيو. عمران خان لانگ مارچ حڪومت جي خلاف نه پر اسٽيبلشمينٽ جي خلاف ڪري رهيو آهي. مير جعفر ۽ مير صادق اوهان اسٽيبلشمينٽ کي چيو. عدالتن کي به ادب سان چوڻ چاهيان ٿي ته اهڙي روايت نه وجهو، ائين نه ڪريو، جيڪو ماڻهو سڀني ادارن کي گاريون ڏي ان جي حق ۾ فيصلا ٿين.