news-details
نئی دہلی

ڀارتي عدالت ڪشميري حريت اڳواڻ ياسين ملڪ کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي

نئين دهلي: (اربع 25 مئي 2022ع) ڪشميري حريت اڳواڻ ياسين ملڪ کي ڀارتي عدالت عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي جڏهن ته سندس مٿان 10 هزار ڀارتي روپين جو ڏنڊ به لاڳو ڪيو ويو. ڀارتي عدالت ياسين ملڪ کي 19 مئي تي دهشتگردن کي فنڊنگ جي ڪوڙي ڪيس ۾ ڏوهاري قرار ڏنو. محمد ياسين ملڪ نئين دهلي جي تهاڙ جيل ۾ ڪيترن ئي سالن کان قيد آهي.
ڪشميري حريت اڳواڻ ياسين ملڪ عدالت ۾ جج سان ڳالهائيندي چيو ته مان خيرات نه گهرندس، اوهان کي جيڪا سزا ڏيڻي آهي ڏئي ڇڏيو، پر مون کي ڪجهه سوالن جا جواب ڏيو، ياسين ملڪ چيو ته جيڪڏهن مان دهشتگرد هئس ته ڀارت جا 7 وزيراعظم مون سان ملڻ ڪشمير ڇو ايندا هئا؟ ياسين ملڪ وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن مان دهشتگرد هئس ته ڪيس دوران منهنجي خلاف چارج شيٽ ڇو فائل نه ڪئي وئي؟ مان دهشتگرد هئس ته وزيراعظم واجپائي جي دور ۾ مون کي پاسپورٽ ڇو جاري ٿيو؟ مان دهشتگرد هئس ته مون کي انڊيا ۽ ٻين ملڪن ۾ اهم جڳهين تي ليڪچر ڏيڻ جو موقعو ڇو ڏنو ويو؟
عدالت ياسين ملڪ جي سوالن کي نظر انداز ڪيو ۽ چيو ته اهڙين ڳالهين جو وقت گذري ويو. عدالت چيو ته اهو ٻڌايو اوهان تجويز ڪيل سزا تي ڇا چوڻ چاهيو ٿا؟ جنهن تي ياسين ملڪ چيو ته مان عدالت کان خيرات نه گهرندس عدالت کي جيڪو صحيح لڳي اهو ڪري. هن چيو ته گذريل ڪيترن سالن کان گاندهي جي اصولن تي عمل ڪري رهيو آهيان. ڀارتي انٽيليجنس ڪنهن به قسم جي دهشتگرد سرگرمي ۾ منهنجو ملوث هجڻ ثابت ڪري ته سياست ڇڏي ڏيندس. ڪنهن به پرتشدد سرگرمي ۾ منهنجو ملوث هجڻ ثابت ٿي وڃي ته موت جي سزا قبول ڪندس. مان سزا بابت ڪابه خيرات نه گهرندس. مون پنهنجو فيصلو عدالت تي ڇڏي ڏنو آهي.