سينيٽ نيب ۽ اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميمي بل اتفاف راءِ سان منظور ڪري ورتو

news-details

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ سينيٽ جو اجلاس ٿيو، جنهن دوران قانون واري وفاقي وزيرا اعظم نذير تارڙ نيب ترميمي بل پيش ڪيو جڏهن ته مرتضيٰ جاويد عباسي اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل بل پيش ڪيو جنهن کي ايوان اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو.
سينيٽ اجلاس دوران سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي سوال ڪيو ته چونڊن بابت ترميمي بل ڪميٽي حوالي ڪيان يا هاڻي ئي پاس ڪرڻو آهي، جنهن جي جواب ۾ وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته هي بل اهو ئي آهي جنهن کي سينيٽ جي ڪميٽي منظور ڪيو هو، سمندر پار پاڪستانين کان ووٽ جو حق واپس نه ورتو ويندو، اليڪشن ڪميشن کي چيو آهي ته سيڪريسي کي نظر ۾ رکندي ووٽ ڏيڻ واري حق کي يقيني بڻايو وڃي.
سينيٽ اجلاس ۾ ٻنهي بلن جي منظوري دوران پي ٽي آئي جي ميمبرن سخت مخالفت ڪئي ۽ سينيٽ چيئرمين جي ڊائيس اڳيان احتجاج ڪندي امپورٽڊ حڪومت جا نعرا هنيا.