حڪومتي اتحادي پارٽين پاران نيب چيئرمين لاءِ جسٽس (ر) مقبول باقر جي نالي تي اتفاق

news-details

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) حڪومتي اتحادي پارٽين نيب چيئرمين لاءِ رٽائرڊ جسٽس مقبول باقر جي نالي تي اتفاق ڪري ورتو آهي، ان سلسلي ۾ نواز ليگ، پيپلزپارٽي سميت ٻين اتحادين پارٽين جي اڳواڻن وچ ۾ نيب چيئرمين جي مقرري لاءِ مشاورت ٿي جنهن دوران نيب چيئرمين لاءِ رٽائرڊ جسٽس مقبول باقر جي نالي تي اتفاق ڪيو ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته رٽائرڊ جسٽس مقبول باقر جو نالو وزيراعظم شهباز شريف ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري جي وچ ۾ ٿيل ملاقات کانپوءِ غور هيٺ آيو آهي، جڏهن ته مخالف ڌر جي اڳواڻ راجا رياض نيب چيئرمين لاءِ رٽائرڊ جسٽس مقبول باقر جي نالي تي اعتراض نه واريو ته ايندڙ نيب چيئرمين جسٽس (ر) مقبول باقر ئي هوندو.
ان کان اڳ نيب چيئرمين لاءِ پنج نالا غور هيٺ هئا، جن ۾ رٽائرڊ جسٽس مقبول باقر، رٽائرڊ جسٽس دوست محمد، اڳوڻي ڊي جي آئي بي آفتاب سلطان، اڳوڻي وفاقي سيڪريٽري اخلاق تارڙ ۽ اڳوڻي اٽارني جنرل عرفان قادر جا نالا شامل هئا.
ٻئي طرف ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته موجوده نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال پيپلزپارٽي، ني ليگ سميت سمورين کي چيو آهي ته کيس نيب چيئرمين جي عهدي تي برقرار رکيو وڃي هو سندن سان هر قسم جو سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته وزيراعظم ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ وچ ۾ اتفاق کانپوءِ نيب چيئرمين جي مقرري لاءِ سمري صدر ڏانهن موڪلي ويندي.
ياد رهي ه موجوده نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جي عهدي جو مدو 2 جون تي پورو ٿي ويندو.