اسلام آباد ۾ عمران خان، شاهه محمود قريشي ۽ اسد عمر خلاف 16 ڪيس داخل

news-details

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان، وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي، جنرل سيڪريٽري اسد عمر سميت پي ٽي آئي جي ٻين اڳواڻن خلاف اسلام آباد ۾ 16 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.
ملڪ جي گادي واري هنڌ اسلام آباد جي ڪراچي ڪمپني ٿاڻي تي داخل ڪيسن ۾ شرين مزاري، علي امين گنڊا پورا ۽ خرم نواز جا نالا به شامل ڪيا ويا آهن.
پي ٽي آئي اڳواڻن خلاف داخل ڪيسن ۾ رستا بند ڪرڻ، سرڪاري ڪم ۾ مداخلت، پوليس تي حملن ۽ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ جا قلم هنيا ويا آهن.
پي ٽي آئي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف ڪيس آپباره، ترنول، ڪوهسار، بهاره، ڪهو، رمنا، سيڪريٽريٽ ۽ لهي ڀير ٿاڻن تي ڪيس داخل ڪيا ويا