سگا جا گولڊن جوبلي وارا پروگرام 3 جون کان شروع ٿيندا: پڌرنامو

news-details

ڪراچي( آن لائين انڊس، پهرين جون، 2022ع) سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئسن جي گولڊن جوبلي جون تقريبون 3 کان 5 جون 2022ع تائين ڪراچي جي آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ۾ شروع ٿينديون، جنهن ۾ لڳاتا ٽئي ڏينهن سگا جي گولڊن جوبلي ميڙاڪا، ڪانفرنسون ۽ ثقافتي پروگرام منعقد ڪيا ويندا.
ان ڏس ۾ سگا طرفان جاري ڪيل پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته سگا جي گولڊن جوبلي وارن پروگرام ۾ وڏو وزير سيد مراد علي شاهه خاص مهمان طور شرڪت ڪندو، جڏهن ته سگا جي چيئرپرسن مهتاب اڪبر راشدي، ڊاڪڙين محمد سليمان شيخ، سائين بخش عباسي، رفيق احمد جعفري، صوبائي وزير سيد سراد علي شاهه، سعيد غني، سگا جو اڳواڻ بخش علي لاکو، عبدالرحمان شورو، علي حسين بروهي، ولي محمد روشن، سلطانه صديقي، اشفاق ميمڻ، پروفيسر سليم ميمڻ، شهاب اوستو، ڊاڪٽر تنوير شيخ، فضل الله قريشي، ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ، پروفيسر خالد حسين چنا ۽ ٻيا خطاب ڪندا.
سگا جي گولڊن جوبلي واري پهرين ڏينهن تي پروگرام جو افتتاح شام 7 وڳي زيڊ اي بخاري اوپن ايئر ٿيٽر ۾ شروع ٿيندو، جنهن دوران 14 شخصيتن کي گولڊ ميڊل ۽ گولڊن جوبلي ايوارڊ ڏنا ويندا ۽ رات جو موسيقي جو پروگرام منعقد ڪيو ويندو.
سگا جي گولڊن جوبلي واري ٻئي ڏينهن تي صبح يارنهن وڳي کان رات تائين ٽي ويهڪون ٿيندون، صبح واري ويهڪ دوران اجلاس ۾ “سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئشن جا 50 سال” جي موضوع تي سيمينار ٿيندو جنهن ۾ تحقيقي پيپر پڙهيا ويندا جڏهن ته ٻئي اجلاس ۾ “سگا ۽ ايندڙ اڌ صديءَ جون حڪمت عمليون” جي موضوع تي پيپر پڙهيا ويندا.
ٽئين ڏينهن تي صبح 11 وڳي “سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جو مستقبل” مذاڪرو ٿيندو، ٻئي سيشن ۾ “سنڌي ادب جو آئيندو” بابت پروگرام ٿيندو جنهن جي صدارت صوبائي وزير سردار شاهه ڪندو.
سگا جي گولڊن جوبلي جي آخري ڏينهن وارن پروگرام دوران شام جو ڊانس ڊرامو پيش ڪيو ويندو، جڏهن ته گولڊن جوبلي وارن ٽنهي ڏينهن دوران ايڪسپو سنڌ 22 پڻ ٿيندو جنهن ۾ سنڌ جي هنرن ۽ صنعتن جا اسٽال، ثقافتي ميلو ۽ ڪتابن جا رعايتي مرڪز پڻ لڳايا ويندا.