news-details

جيڪب آباد ۾ پوسٽ آفيس تي قبضي خلاف ملازمن روڊ تي آفيس جو ڪارووهنوار هلايو

جيڪب آباد(آن لائين انڊس، 6 جون، 2022ع)جيڪب آباد ۾ پوسٽ آفيس تي قبضي خلاف ملازمن آفيس جو ڪارووهنوار روڊ تي هلائي انوکو احتجاج ڪيو.
پوسٽ آفيس جيڪب آبا جي ملازمن فتح علي، فرزند علي ۽ اخترڏاهاڻي جي اڳواڻي ۾ پوسٽ آفيس ٻاهران خط، ٽڪليون ۽ ٻيو سامان رکي انو احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي.
ان موقعي مظاهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي ته بااثر پوسٽ آفيس تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب ڪم سخت متاثر ٿي رهيو آهي، پوسٽ آفيس تان قبضو ختم ڪرائڻ لاءِ ضلعي حڪومت به ڪي قدم ناهي کڻي رهي.
هنن چيو ته ٻه مهينا اڳ پوسٽ آفيس تان قبضو ختم ڪرايو ويو هو پر ٻيهر بااثر پوسٽ آفيس تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب ڪم مڪمل طور تي بند آهي ۽ ٻين شهرين سان شيون موڪليندڙ شهري به پريشان آهن.
هنن مطالبو ڪيو ته پوسٽ آفيس تان فوري طور قبضو ختم ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو