قلعه سيف الله ۾ وين ۾ کائي ۾ ڪرڻ سبب فوت ٿيلن جو تعداد 22 ٿي ويو

news-details

ڪوئيٽا(آن لائين انڊس، 8 جون، 2022ع) بلوچستان جي علائقي قلعه سيف الله ۾ مسافر وين کائي ۾ ڪرڻ سبب فوت ٿيل مسافرن جو انگ وڌي 22 ٿي ويو آهي، ان ڏس ۾ ڊي سي قلعه سيف الله حافظ قاسم ڪاڪڙ جو چوڻ آهي ته زوب ويندڙ وين کائي ۾ ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ 10 مسافر ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا
ڊي سي جو وڌيڪ چوڻ آهي ته حادثي ۾ زخمي ٿيل وڌيڪ 12 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، جنهن کانپوءِ فوت ٿيلن جو انگ وڌي 22 ٿي ويو آهي، فوت ٿيلن ۾ عورتون ۽ ٻارڙا به شامل آهن.
ڊي سي قلعه سيف الله وڌيڪ ٻڌايو ته پهاڙي علائقو هجڻ سبب لاش ۽ زخمين کي ڪڍڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، جڏهن ته مختلف اسپتالن اندر ايمرجنسي پڻ لاڳو ڪئي وئي آهي.