news-details

جيڪب آباد ۾ پوليس مقابلو، هڪ هفتو اڳ ڦر دوران شهري کي قتل ڪندڙ جوابدار گرفتار

جيڪب آباد(آن لائين انڊس، 11 جون، 2022ع)جيڪب آباد ۾ پوليس مقابلي دوران هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوا ڪئي آهي.

جيڪب آباد جي سول لائين ٿاڻي جي حد ريلوي گودام وٽ ڏوهارين ۽ پوليس ۾ مقابلو ٿيو جنهن دوران هڪ ڏوهاري منٺار لوهر کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار جي قبضي مان هڪ ڪلاشنڪوف هٿ ڪئي وئي آهي جوابدار ڏينهن اڳ موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ دوران مزاحمت تي عبداللطيف منجهو کي قتل ڪيو هو.

پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته مقابلي دوران ٻه ڏوهاري فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا جن خلاف ڪارروائي جاري آهي.