لاهور(آن لائين انڊس، 15 جون، 2022ع) پنجاب حڪومت 32 کرب، 26 روپين جي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي، صوبائي وزير اويس لغاري جو چوڻ آهي ته ترقياتي ڪمن لاءِ 685 ارب روپيا مختص ڪيا ويا آهن، ايندڙ مالي سال لاءِ صوبي جي روينيو جو ڪاٿو 25 کرب 21 ارب 29 ڪروڙ رپيا لڳايو ويو آهي
پنجاب اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري جي صدارت هيٺ ايوان اقبال ۾ ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزير اويس لغاري سال23_2022ع لاءِ 32 کرب 26 ارب روپين واري بجيٽ پيش ڪري ڇڏي.
بجيٽ تقرير ڪندي صوبائي وزير اويس لغاري چيو ته ايندڙ مالي سال لاءِ صوبي جي روينيو جو ڪاٿو 25 کرب 21 ارب 29 ڪروڙ رپيا لڳايو ويو آهي، مقامي حڪومتن لاءِ 5 کرب 28 ارب روپيا مختص ڪري اسٽيمپ ڊيوٽي جي شرح هڪ کان وڌائي 2 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته پگهاردار طبقي تي ٽيڪس لاڳو ناهي ڪيو ويو.
اويس لغاري چيو ته پگھارن جي ادائگي لاءِ 4 کرب 35 ارب 87 ڪروڙ جڏهن 3 کرب 12 ارب روپيا پينشن لاءِ مختص ڪيا ويا آهن، ترقياتي بجيٽ جو 40 سيڪڙو سوشل سيڪٽر، 24 سيڪڙو انفراسٽرڪچر تي لڳايو ويندو، پنجاب ۾ روڊن جي تعمير مرمت لاءِ 35 ارب روپيا مختص ڪيا ويا آهن.