news-details

گهر جي ڀت ڪرڻ سبب هڪ ئي خاندان جا 5 ڄڻا دٻجي فوت

لاهور(آن لائين انڊس، 17 جون، 2022ع) لاهور ۾ تيز آنڌي سبب ڀت ڪري پئي، هڪ گهر جا 5 ڄڻا دٻجي فوت ٿي ويا.

لاهور جي علائقي نشتر ڪالون جي اعوان مارڪيٽ ۾ تيز آنڌي دورن گهر جي ديوار ڪرڻ سبب 5 ڄڻا دٻجي فوت ٿي ويا، ان ڏس ۾ پاڙيسرين جو چوڻ آهي ته گهر جي ڇت تي 53 ورهين جو شبير احمد پنهنجي گهرڀاتين سميت ستل هو ته سندس پارڙيسري احسن جي گهر جي ڀت ڪري پئي.

ڀت ڪرڻ سبب هڪ ئي خاندان جا 5 ڄڻا ملبي هيٺان دٻجي ويا، جنهن جو اطلاع حد جي پوليس کي ڏنو ويو، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ملبو هٽايو ته 2 عورتن سميت ٽن ڄڻا جا لاش ۽ ٻن ڄڻن کي زخمي حالت ۾ ڪڍيو ويو، زخمين کي اسپتال نيو پيو وڃي ته هو رستي ۾ زخمن جا سور نه سهندي ئي فوت ٿي ويا.

پوليس جو چوڻ آهي ته دٻجي فوت ٿيلن 5 ئي ڄڻن جو تعلق هڪ خاندان سان آهي.