سافڪو طرفان ملڪي ۽ عالمي ادارن جي سهڪار سان ٻهراڙي جي ماڻهن کي جديد دور جي گھرجن مطابق زراعت ۽ چوپائي مال مان ناڻو ڪمائڻ بابت سکيا ڏني وئي

news-details

حيدرآباد(آن لائين انڊس، 23 جون، 2022ع) وڌندڙ مهانگائي ۽ غربت جا اثر گھٽائڻ لاءِ سافڪو طرفان ملڪي ۽ عالمي ادارن جي سهڪار سان ٻهراڙي جي ماڻهن کي جديد دور جي گھرجن مطابق زراعت ۽ چوپائي مال مان وڌيڪ ناڻو ڪمائڻ لاءِ جديد ڪاروباري سکيا ڏيڻ جو پروگرام شروع ڪيو ويو، پهرئين مرحلي ۾ حيدرآباد جي 5 يونين ڪائونسلن ۾ اهڙا پروگرام منعقد ڪيا ويا، جتي هنن جا ڪاروباري ادارن ۽ شخصيتن سان رابطا پڻ ڪرايا ويا.

خوراڪ ۽ زراعت بابت اقوام متحده جي اداري ’ايف اَي او آءِ ٽي سي، پي پي اَي ايف سان گڏجي سافڪو پاران حيدرآباد جي يونين ڪائونسل مولان، چُکي، عالماڻي، ٽنڊو قيصر ۽ سانوڻ گوپانگ ۾ آبادگارن سميت ڳوٺاڻن کي ڪيلي مان چپس، کير مان گيهه، مکڻ ۽ ٻيون شيون تيار ڪرڻ، انبن جو اعليٰ معياري آچار ٺاهڻ، بصر ۽ ٽماٽي جي مختلف قسم جي استعمال بابت ٻڌايو ويو ۽ ڪاروبار سميت پيداوار کي مارڪيٽ تائين پهچائڻ جي طريقن جي سکيا ڏني وئي۔

ان ڏس ۾ ٿيٽر پروگرامن ذريعي سندن ڄاڻ پڻ وڌائي وئي. تربيت وٺندڙن سان سنڌ زرعي يونيورسٽي جي ماهرن، سميڊا، حيدرآباد چيمبر آف ڪامرس سميت مختلف واپاري اڳواڻن جي ملاقات پڻ ڪرائي وئي. جن پڻ هنن کي سندن آمدني وڌائڻ جي طريقن بابت معلومات ڏني وئي.

ان موقعي تي سافڪو عملي غلام مصطفيٰ راڄپر ۽ ٻين طرفان ڳوٺاڻن کي سندن ڪاروبار وڌائڻ لاءِ هن پروگرام تحت تربيت جاري رکڻ ۽ آسان قسطن تي قرض ڏيڻ جي خاطري پڻ ڪرائي وئي.