حيدرآباد جي خانگي تعليمي اداري ۾آءِ ٽي جي شعبي ۾ نوڪريون وٺڻ بابت سکيا ڏيڻ وارو سيمينار منعقد

news-details

حيدرآباد(آن لائين انڊس، 25 جون، 2022ع) حيدرآباد جي خانگي تعليمي اداري ۾ آءِ ٽي جي شعبي ۾ نوڪريون وٺڻ بابت سکيا ڏيڻ وارو سيمينار منعقد ڪيو ويو، مقررن جو چو آهي ته آئي ٽي هڪ وسيع شعبو آهي، جنهن ۾ نوڪرين توڙي گهر ويٺي به ڪمائي سگهجي ٿو.

حيدرآباد جي آٽو ڀان روڊ تي مئنجمينٽ انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي ۾ وزيراعظم ڊولپمينٽ اٿارٽي تحت هلندڙ نيوٽيڪ پروگرام ۾ پڙهندڙ ٽئين بيچ جي شاگردن لاءِ نوڪرين ۾ اپلائي ڪرڻ بابت سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ آمريڪا مان آيل سانا جي خزانچي علي حسن ڀٽو ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

سيمينار دوران شاگردن کي سکيا ڏيندڙ علي حسن ڀٽو جو چوڻ هو ته آءِ ٽي جو شعبو تمام گهڻو فائدو ڏيندڙ شعبو آهي، جنهن مان شاگرد سکيا وٺي ٻاهرين ملڪن ۾ نوڪريون ڪرڻ سميت گهر وٺي به ڪمائي سگهن ٿا.

هن چيو ته دنيا ۾ آءِ ٽي جو شعبي ۾ هزارن جي تعداد ۾ نوڪريون اچن ٿيون، وزيراعظم ڊولپمينٽ اٿارٽي تحت هلندڙ پروگرام ۾ پڙهندڙ شاگرد ڪورس مڪمل ڪري آمريڪا سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ايندڙ نوڪرين لاءِ آن لائين اپلائي ڪري نوڪريون ڪري سگهن.