حيدرآباد پريس ڪلب جي چونڊ، لالا رحمان صدر ۽ حميدالرحمان بنا مقابلي جنرل سيڪريٽري چونڊجي ويو

news-details

حيدرآباد(آن لائين انڊس، 25 جون، 2022ع) حيدرآباد پريس ڪلب جي سالياني چونڊ ۾ لالا رحمان سمون صدر ۽ حميد الرحمان جنرل سيڪريٽري جي عهدي تي بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا.

حيدرآباد پريس ڪلب جي سال 23-2022ع لاءِ چونڊ ۾ ڊيموڪريٽڪ ۽ عقيل ابراهيم گروپ طرفان بيهاريل اميدوار لالا رحمان سمون صدر، ساجد خانزادو نائب صدر، حميد الرحمان جنرل سيڪريٽري، سردار احمد شيخ جوائنٽ سيڪريٽري ۽ فهيم ٻٻر خزانچي جي عهدي تي بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا.

حيدرآباد پريس ڪلب جي سالياني چونڊ ۾ گورننگ باڊي جي 9 عهدن تي علي حسن، خالد کوکر، اقبال ملاح, جئه پرڪاش موراڻي، حسين خان، ارشاد چنا، فاضل چنا ۽ ايسوسيئيٽ تي عرفان هارون پڻ بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا.

سمورن اميداورن سامهون ڪو به مخالف اميدوار نه هجڻ کانپوءِ حيدرآباد پريس ڪلب جي اليڪشن ڪاميٽي جي چيئرمين مرتضي سيال سمورن اميدوارن جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.