news-details
ڄامشورو

مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ منشيات جي غيرقانوني استعمال ۽ ان جي وڪري جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب منعقد

ڄامشورو(آن لائين انڊس، 27 جون، 2022ع) مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي ڄامشورو ۾ 26هين جولاءِ تي منشيات جي غيرقانوني استعمال ۽ ان جي وڪري خلاف هر سال عالمي ڏيهاڙي جي مناسبت سان تقريب ٿي منعقد ڪئي وئي.

منشيات جي غيرقانوني استعمال ۽ ان جي وڪري جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان مهراڻ يونيورسٽي جي سينيٽ هال ۾ ٿيل تقريب دوران رجسٽرار لڇمڻ داس سوٽهڙ ڳالهائيندي چيو ته معاشري جي مختلف مڪتب فڪر وارن شعبن سان گڏ ملڪ جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ به منشيات جي لعنت مان اڃا جان آجي ٿي نه سگهي آهي ۽ اسان کي ان ڏس ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي.

مهراڻ يونيورسٽيءَ جي رجسٽرار چيو ته هر قسم جي منشيات جو استعمال رڳو هڪ فرد نه پر پوري ڪٽنب ۽ ان کانپوءِ پوري معاشري جو گڏيل ۽ ناقابل تلافي نقصان آهي، اسان جو معاشرو اڄ به منشيات جي لعنت جو شڪار آهي. نوجوان ”راهه فرار“ اختيار ڪرڻ خاطر ان بيماريءَ جو شڪار ٿين ٿا ۽ پوءِ پاڻ سان گڏ پنهنجي خاندان پوري سماج جي نقصان جو حصو بڻجن ٿا.

هن چيو ته منشيات جي استعمال ۽ وڪري خلاف اڄوڪي ڏينهن جي مناسبت سان اهو عهد ڪرڻو پوندو ته اسان پنهنجي گهر ڀاتين، تعليمي ادارن ۾ پڙهندڙ نوجوانن ۽ پنهنجي پاڙي ۾ ان قسم جي ڪنهن به چرپر تي نظر رکون ته جيئن ان کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي.

ان موقعي تي امتحانن واري شعبي جي ڪنٽرولر خالد چنا، ايڊيشنل ڊائريڪٽر ايڊميشن سليم صديقي ۽ ٻين آفيسرن ۽ ملازمن پڻ ڏهاڙي جي مناسبت سان ڳالهايو.