news-details
اسلام آباد

ته آءِ ايم ايف ستين ۽ اٺين قسط گڏ ڪري ڇڏي آهي، جلد رقم ملندي: ناڻي وارو وفاقي وزير

اسلام آباد(آن لائين انڊس، 28 جون، 2022ع)ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته آءِ ايم ايف ٻه قسطون گڏ ڏيندو، ملڪ ڏيوالو ٿيڻ کان بچي ويو آهي، ملڪ کي ترقي جي راهه تي هلائڻ لاءِ اسان کي مشڪل فيصلا ڪرڻا پوندا.

اسلام آباد ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو ته آءِ ايم ايف ستين ۽ اٺين قسط گڏ ڪري ڇڏي آهي، ستين قسط ۾ 90 ڪروڙ ڊالر ۽ اٺين قسط ۾ هڪ ارب ڊالر جي آهي، ملڪ ڏيوالو ٿيڻ کان بچي ويو آهي، جنهن وقت اسان کي حڪومت ملي ته ملڪ مالي خساري جو شڪار هو.

مفتاح اسماعيل چيو ته گذريل حڪومت ۾ 4 ڀيرا 20 هزار ارب ڊالر روپين جو قرض ورتو ويو، جنهن سبب اڄ اسان کي 4 هزار ارب ڊالر روپين جي ڊيٽ سرونگ ڪرڻي پئي ٿي، حالتون اڃان تائين مشڪل آهن پر اسان بهتري طرف وڃي رهيا آهيون.

ناڻي واري وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته سپر ٽيڪس انهن تي لڳايو ويندو، جنهن جي آمدني وڌيڪ آهي، سڄي ملڪ جي دڪاندارن کي به ٽيڪس هيٺ آڻي رهيا آهيون، پيٽرول ۽ ڊيزل تي 120 ارب روپين جي سبسڊي سان ملڪ جو ڏيوالو نڪري وڃي ها، ملڪ جي ترقي لاءِ سرمائيدارن کي حصو وجهڻو پوندو.

ان کان اڳ مفتاح اسماعيل پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته اقتصادي ۽ مالي پاليسين جا دستاويز ملي ويا آهن، جنهن کانپوءِ پاڪستان لاءِ آءِ ايم ايف جو پروگرام بحال ٿيڻ جو رستو کلي ويو آهي، دستاويز جاري ٿيڻ سان اهو ثابت ٿيو آهي ته پاڪستان لاءِ اءِ ايم ايف پروگرام جي بحالي ۽ ان ۾ واڌ ڪئي ويندي.