news-details
اسلام آباد

ملڪي تقدير بدلائڻ لاءِ ڪجهه اهڙا فيصلا ڪرڻا پوندا جيڪي ٻيون حڪومتون ختم نه ڪري سگهن: وزيراعظم شهباز شريف

اسلام آباد(آن لائين انڊس، 28 جون، 2022ع)وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان مشڪلاتن ۾ وڪوڙيل آهي، ملڪ جي تقدير بدلائڻ لاءِ ڪجهه فيصلا اهڙا ڪرڻا پوندا جنهن کي ڪا به حڪومت تبديل نه ڪري سگهي، جيڪڏهن ايئن نه ٿيو ته اسان هڪ مخصوص دائري ۾ ئي گهمندا رهنداسين.

اسلام آباد ۾ ٽرن ارائونڊ پاڪستان ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اسان جو مقصد زراعت کي ترقي وٺرائي برآمد وڌائڻ آهي، تمام وڏا چئليجز آهن، اسان سڀني کي گڏجي ملڪ کي بحران مان ڪڍڻو آهي.

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته آفغانستان مان جلد ڪوئلو اچڻ شروع ٿي ويندو، ريڪوڊڪ ۾ اربين ڊالر دفن ٿيل آهن پر اسان هڪ روپيو به ناهي ڪمايو، پاڪستان قرضن جي ملبي ۾ دٻجي ويو آهي.

شهباز شريف چيو ته ناڻي واري وفاقي وزير ٻڌايو ته کيس صبح سان آءِ ايم ايف جو ميسيج آيو آهي ته اسان کي آءِ ايم ايف طرفان هڪ نه پر ٻه ارب ڊالر ملي رهيا آهن، جنهن کي جواب ڏنو ته اسان منزل خودمختياري آهي.

وزيراعظم چيو ته اسان جي اتحادي حڪومت آهي، فيصلن تي مشورا ڪرڻ جمهوري عمل آهي، بنگلاديش ۾ 6 ارب ڊالرن سان وڏ انفرااسٽريڪچر ٺاهيو ويو آهي، پاڪستان ۾ ڪنهن به شيء جي کوٽ ناهي، اسان هر شعبي ۾ ايڪسپرٽ آهيون، انشاءَ الله 14 مهينن اندر معاشي استحڪام آڻينداسين جيڪو سياسي استحڪام سان پڻ ڳنڍيل هوندو.