اسلام آباد(آن لائين انڊس، 28 جون، 2022ع)وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته اسحاق ڊار جڏهن به چاهي جنهن به عهدي تي اچي ويهي سگهي ٿو، پنجاب ۾ ٿيندڙ ضمني چونڊن ۾ نواز ليگ جا اميدوار ڪامياب ٿيندا.
هڪ انٽرويو ۾ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته پجاب ۾ ٿيندڙ ضمني چونڊن جي نگراني مريم نواز ڪري رهي آهي، ضمني چونڊن دوران 20 مان 16 سيٽن تي نواز ليگ ڪامياب ٿي ويندي، عمران خان ملڪ ۾ فساد ڪرائڻ لاءِ هر وقت تيار آهي، مزاحمت جو ووٽ عمران خان ۽ ان جي فراڊي ساٿين کي نه ملندو.
راڻا ثناءُ الله وڌيڪ چيو ته ملتان ۾ شاهه محمود قريشي ڀلي ڪيترو به وس هلائي پر چونڊ واري ڏينهن هو هار کائي گهر ويندو، اسحاق ڊار جڏهن چاهي جنهن به عهدي تي اچي ويهي سگهي ٿو.