لاهور(آن لائين انڊس، 28 جون، 2022ع)نيوزي لينڊ ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي تصديق ڪري ڇڏي، ڀارت خلاف هوم سريز کيڏڻ کانپوءِ نيوزي لينڊ ڪرڪيٽ ٽيم هلندڙ سال جي آخري ۽ ايندڙ سال جي شروع واري مهيني ۾ پاڪستان جو دورو ڪندي.
جاري ڪيل پڌرنامي موجب نيوزي لينڊ ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ سيريز کيڏڻ جي حامي ڀري ڇڏي آهي، پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته نيوزي لينڊ ڪرڪيٽ ٽيم ڀارت خلاف هوم سيريز کيڏڻ کانپوءِ 2022ع ۽ جنوري 2023ع ۾ پاڪستان جو دورو ڪندي.
پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته نيوزي لينڊ ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان خلاف 2 ٽيسٽ ۽ 3 ون ڊي ميچون کيڏندي پر سيريز جو شيڊيول اڃان تائين جاري ناهي ڪيو ويو.
ياد رهي ته نيوزي لينڊ ۽ ڀارت وچ ۾ وائيٽ بال سيريز 30 نومبر تي ختم ٿيندي، جنهن کانپوءِ نيوزي لينڊي ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان جو دورو ڪندي.