news-details
نيويارڪ

عمران خان جي بيانن سبب آمريڪا ۽ پاڪستان جا لاڳاپا خراب ٿيا: آمريڪي سينيٽ جو قائد ايوان

لاهور(آن لائين انڊس، 28 جون، 2022ع)آمريڪي سينيٽ جي ايوان قائد چڪ شومر چيو آهي ته عمران خان طرفان آمريڪا مخالف بيان ڏيڻ تي ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا خراب ٿيا آهن.

نيويارڪ ۾ پاڪستان ايڊوڪيسي گروپ کي خطاب ڪندي آمريڪي سينيٽ جي ايوان قائد چڪ شومر چيو ته پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان آمريڪا لاءِ سٺيون ڳالهيون ناهن ڪيون، اميد آهي ته موجوده وزيراعظم شهباز شريف صورتحال کي بهتر بڻائيندو.

هن چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا ۾ لاڳاپا بهتر ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، ڀارت ۾ مسلمانن سان مودي حڪومت ظالماڻو سلوڪ ڪري رهي آهي جنهن جي مذمت ڪجي ٿي، ڪشمرين جي حقن جو تحفظ ڪرڻو پوندو.

هن وڌيڪ چيو ته عمران خان جي بيانن سان آمريڪا ۽ پاڪستان ۾ لاڳاپا خراب ٿيا آهن، جيڪڏهن عمران خان اهڙا بيان نه ڏيڻ ها ته اڄ تائين آمريڪا ۽ پاڪستان جا سٺا لاڳاپا هجن جيڪي ٻنهي ملڪن لاءِ فائديمند ثابت ٿين ها.