مديجي: پراڻي تڪرار تان جوڻيجا ۽ ڪلهوڙا برادري ۾ فائرنگ، ناري قتل

news-details

مديجي(آن لائين انڊس، 29 جون، 2022ع)مديجي ويجهو ڪلهوڙا ۽ جوڻيجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران فائرنگ ۾ زمين تي ڪم ڪندڙ ناري قتل ٿي وئي.

مديجي جي ڪچي واري علائقي ۾ ڪلهوڙا ۽ جوڻيجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي زرعي زمين تي ڪم ڪندڙ ڳوٺ ڊگھپور واسڻ 20 ورهين جي رشيده جوڻيجو قتل ٿي وئي.

اطلاع ملڻ تي حد جي پوليس کي واقعي واري هنڌ پهچي لاش مديجي اسپتال پهچايو آھي،مديجي اسپتال ۾ ليڊي ڊاڪٽر نه هجڻ سبب مقتولا عورت جو لاش ڳڙھي ياسين اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ان موقعي تي نوجوان ناري جي والد ملنگ جوڻيجو ٻڌايو ته ڪلهوڙا ۽ جوڻيجا تڪرار تان ٻنهي ڌرين جي هلندڙ فائرنگ ۾ گولي لڳڻ سبب سندس ڌيءَ قتل ٿي وئي آهي، اسان جي ٻنهي ڌرين سان ڪا به دشمني نه هئي.

هوڏانهن ڪلهوڙا ڌر جي چڱي مڙس عبدالحفيظ ڪلهوڙو ٻڌايو ته اسان جي ڌر طرفان ڪابه فائرنگ نه ٿي آھي، سندن جي پنهنجي ڳوٺ ۾ عبداالفتاع جوڻيجو جي شادي هئي، پنهنجي ئي شادي جي خوشي ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ ناري قتل ٿي آھي