ٽنڊوالهيار: پاڻي جي کوٽ خلاف چمبڙ جي آبادگارن جو ڌرڻو، روڊ بلاڪ

news-details

ٽنڊوالهيار(آن لائين انڊس، 29 جون، 2022ع)ٽنڊو الهيار ۾ چمبڙ جي آبادگارن پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري چمبڙ ٽنڊوالهيار روڊ بند ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

ٽنڊوالهيار جي نصير ڪئينال مان نڪرندڙ غريب شاخ جي پڇڙي جي آبادگارن شاخن ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ خلاف مختيار رند، محمد علي رند، خان محمد لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مين روڊ چمبڙ - ٽنڊوالھيار روڊ بند ڪري ڇڏيو.

ان موقعي تي مظاهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايس ڊي او ايريگيشن رشوت وٺي اسان جي حصي جو پاڻي وڪڻي ڇڏيو آھي، گذريل 6 مھينن کان اسان وٽ پاڻي ناهي پھتو، جنهن سبب سوين ايڪڙن تي پوکيل فصل تباهه ٿي رهيو آهي.

هنن چيو ته شاخن ۾ پاڻي نه اچڻ سبب جر جو پاڻي به کارو ٿي رهيو آهي، ڪيترائي ڀيرا آبپاسي عملي کي دانهڻ باوجود ڪو به تدارڪ نه پيو ٿئي.

هنن مطالبو ڪيو ته اسان کي پنهنجي حصي جو پاڻي فوري طور فراهم ڪري رشوت وٺندڙ آبپاشي کاتي جي عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج تحريڪ هلائي ويندي.