news-details
حيدرآباد

قاسم آباد جي يوسي 148 تي پ پ جا 3 اميدوار بنا مقابلي ڪامياب

حيدرآباد(آن لائين انڊس، 29 جون، 2022ع) سنڌ ۾ ٻئي مرحلي ۾ ٿيندڙ بلدياتي چونڊن ۾ قاسم آباد جي يوسي 148 جي ٽن وارڊن تي پ پ جا 3 اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا، جڏهن ته حيدرآباد جي ميونسپل ڪارپوريشن قاسم آباد جي يوسي 148 تي بيٺل پ پ اميدوارن جي حق ۾ هٿ کڻڻ واري تقريب منقعد ڪئي وئي، جنهن ۾ پ پ اميدوارن جي حق ۾ هٿ کنيو ويو
بلدياتي چونڊن ۾ قاسم آباد جي يوسي 148 تي بيٺل يوسي چيئرمين جي اميدوار جانب لاکو ۽ وائيس چيئرمين جي اميدوار رئوف ٻرڙو طرفان پ پ اميدوار سرور چانڊيو ۽ عمار طاهر بوهري جي حق ۾ هٿ ڪرڻ واري تقريب ٻرڙا هائوس قاسم آباد تي منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ پ پ اڳواڻ، قاسم آباد ميونسپل ڪميٽي جي اڳوڻي چيئرمين ڪاشف شورو، پ پ اڳواڻ لطف الله ٻرڙو، پ پ يوٿ ونگ حيدرآباد جي صدر علي حيدر شاهه، زيب ٻرڙو ۽ اسلم لاکو سميت علائقي جي معززن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
تقريب دوران يوسي 148 تي چئرمين لاءِ بيٺل جانب لاکو پ پ اميدوار غلام سرور چانڊيو ۽ وائيس چيئرمين لاءِ بيٺل رئوف ٻرڙو پ پ اميدوار عمار طاهر بوهري جي حق ۾ هٿ کنيو جڏهن پ پ طرفان يوسي 148 قاسم آباد جي وارڊ هڪ تي جاويد لاکو، وارڊ چار تي ابراهيم چنو، وارڊ 3 تي مختيار ٻاٽ ۽ وارڊ 2 تي قادر بوهري کي نامزد ڪيو ويو، جنهن جي حق ۾ مخالف اميدوار حميد سومرو، علي دوست چنو، واحد بخش چنا، نديم جتوئي ۽ ٻين هٿ کنيو ۽ پ پ اميدوارن کي ووٽ ڏيڻ جو يقين ڏيارو.
پ پ اميدوارن جي حق ۾ هٿ کڻڻ کانپوءِ قاسم آباد جي يوسي 148 جي وارڊ نمبر 4 تي ابراهيم چنو، وارڊ نمبر 3 مختيار ٻاٽ ۽ وارڊ نمبر 2 تي پ پ جو قادر بوهري بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويو آهي، جڏهن ته يوسي 148 تي چيئرمين لاءِ پ پ اميدوار سرور چانڊيو، وائيس چانسلر عمار طاهر بوهري ۽ وارڊ هڪ جي اميدوار جاويد لاکو سان ٻين پارٽين جا اميدوار مقابلو ڪندا.
هٿ کڻڻ تقريب کي خطاب ڪندي پ پ اڳواڻ ڪاشف شورو چيو ته سنڌ اندر ٻئي فيز ۾ ٿيندڙ بلدياتي چونڊن ۾ پيپلزپارٽي جا اميدوار اڪثريت سان ڪامياب ٿيندا، سڄي حيدرآباد ۾ پيپلزپارٽي ڪلين سوئيپ ڪري پنهنجو ميئر آڻيندي.
هنن چيو ته پيپلزپارٽي سدائين عوام جي ڳالهه ڪندي عوام کي روزگار ڏئي رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن، اهو ئي سبب آهي جو عوام به پ پ سان محبت ڪري ٿو، جنهن جو ثبوپ سنڌ اندر ٿيل پهرين مرحلي ۾ بلدياتي چونڊن ۾ پ پ اميدوارن جو کٽي اچڻ آهي.
ان موقعي تي لطف الله ٻرڙو، جانب لاکو، سرور چانڊيو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.