news-details
اسلام آباد

ادارا نيوٽرل ٿي وڃن ته عمران خان جي پارٽي جهڙيون غيرجمهوري جماعتون کٽي نٿيون سگهن: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد(آن لائين انڊس، 29 جون، 2022ع) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ادارا نيوٽرل ٿي وڃن ته عمران خان جي پارٽي جهڙيون پارٽيون نٿيون کٽي سگهن، هن ملڪ ۾ پيپلزپارٽي خلاف ڌانڌلي ٿي پر پوءِ به مخالف کٽي نه سگهيا.

قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته قومي اسيمبلي ۾ گهٽ تعداد ۾ مخالف ڌر هجڻ باوجود انهن کي گهڻو موقعو ڏنو پيو وڃي، اسان کي انداز نه هو ته اهڙي انداز ۾ به اسيمبلي هلي سگهي ٿي، عوام جن مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي اسان کي ان جو اندازو آهي.

پرڏيهي وزير چيو ته پيپلزپارٽي ملڪ ۾ جهموريت، صاف شفاف چونڊ ۽ عوام جي معاشي حقن لاءِ ٽن نسلن کان جدوجهد ڪري رهي آهي، اسان هر آمر ۽ ظالم جو مقابلو ڪندا آيا آهيون، هن ملڪ ۾ پيپلزپارٽي خلاف ڌانڌلي ٿي پر ان باوجود پيپلزپارٽي کي حڪومت جو موقعو مليو.

بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته عمران خان جي شڪايت آهي ته ادارا نيوٽرل ڪيئن ٿيندا؟ جيڪڏهن ادارا نيوٽرل ٿي وڃن ته عمران خان جي پارٽي جهڙيون غير جمهوري پارٽيون کٽي نٿيون سگهن، عمران خان جهڙا هلڪا سياستدان سنڌ ۾ موجوده آهن، جن کي سامهون آندو ويندو آهي، هي 2018ع جي اليڪشن ۾ ڌانڌلي سان اسيمبلي ۾ پهتا، جڏهن صاف ۽ شفاف چونڊ ٿيندي ته انهن کي ڀڄڻ جو موقعو به نه ملندو.

پ پ چيئرمين چيو ته بلدياتي چونڊن جي پهري مرحلي ۾ هي سڄو ڏينهن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ موجود رهيا ته جيئن اليڪشن ملتوي ٿئي ۽ انهن کي ڀڄڻ جو موقعو ملي پر ائين نه ٿيو، بلدياتي اليڪشن جي ٻئي مرحلي ۾ به اسان جي مخالفن کي شڪست ملندي، لاڙڪاڻي مان چونڊ کٽڻ تي اسان تي ڌانڌلي جا الزام لڳايا ويا ٻڌايو وڃي ته اها ڪهڙي قسم جي مذاق آهي.