لاهور(آن لائين انڊس، 30 جون، 2022ع) لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب جي وڏي وزير حمزه شريف جي مقرري ڪالعدم قرار ڏيندي سڀاڻي ٻيهر ووٽنگ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
پي ٽي آءِ ۽ ق ليگ جي طرفان پنجاب جي وڏي وزير لاءِ نامزد ڪيل اميدوار چوڌري پروير الاهي جي درخواست تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي پنج رڪني لارجر پئنج مان چار ڏهائي هڪ فيصلو ٻڌائيندي حمزه شريف جي پنجاب جي وڏي وزير طور مقرري واري نوٽيفڪيشن کي ڪالعدم قرار ڏنو.
عدالت پاران 8 صفن تي جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو ويو ته پنجاب جي وڏي وزارت لاءِ ٻيهر ووٽنگ ڪرائي وڃي، حمزه شريف جي دور ۾ پنجاب ڪابينا جيڪي فيصلا ڪيا اهي به غير موثر هوندا ۽ پنجاب ڪابينا به ختم ٿي وئي آهي.
عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو ته پهرين جولائي 2022ع تي شام جو 4 پنجاب اسيمبلي جو اجلاس گهرائي پنجاب جي وڏ وزارت لاءِ نئين سر ووٽنگ ڪرائي وڃي، ووٽنگ کان ٻغير سڀاڻي وارو اجلاس ملتوي نه ڪيو وڃي.
عدالتي فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ڊي سيٽ ڪيل 25 اسيمبلي ميمبرن جا ووٽ به وڏ وزارت لاءِ ٿيندڙ ووٽنگ ۾ شامل نه ڪيا ويندا، جڏهن ته نئين ووٽنگ ٿيڻ تائين عثمان بوزدار پنجاب جو وقتي وڏو وزير هوندو.