خيرپور: سوڍڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، راڻيپور جو صحافي قتل

news-details

خيرپور(آن لائين انڊس، پهرين جولائي، جمعو، 2022ع) خيرپور ويجهو سوڍڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران ڏنڊا لڳڻ سبب صحافي اشتياق سوڍڙو قتل ٿي ويو آهي.ڍ

خيرپور ويجهو ڪنب ٿاڻي جي حد ڳوٺ وزير علي سوڍڙو ۾ پلاٽ جي معاملي تان سوڍڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو آهي جنهن دوران ڏنڊا لڳڻ سبب راڻيپور جو صحافي اشتياق سوڍڙو قتل ٿي ويو آهي.

واقعي کانپوءِ صحافي اشتياق سوڍڙي جي وارثن ڪنب ٿاڻي ٻاهران لاش رکي ڌرڻو هنيو ۽ نعريبازي ڪئي.

ان موقعي مظاهرين جو چوڻ هو ته سندن پلاٽ تي ٻي ڌر قبضو آهي، قبضو ڇڏائڻ لاءِ پلاٽ تي پهتاسين ته انهن ڏنڊا هڻي صحافي اشتياق سوڍڙو کي قتل ڪيو ۽ واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويا.

هنن مطالبو ڪيو ته قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪري کين سزا ڏني وڃي ٻي صورت ۾ هنن جو ڌرڻو جاري رهندو.

آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو.